جـــلاوطن جلاوطن مان ڪينئن رهان جلاوطن
، جـــلاوطــــن جلاوطن جلاوطن جلاوطن جلاوطن ڀٽڪي پنهنجو ڌڳ وڇي جينئن پکيئڙو منجه گھگھن نه جنهن جو ڪو آهيرو آشيانو ۽ چمن روز ٿــــــو زهــــــر پــيــــان ، مران جيان، جيان مران، ڄڻ ڪلاچي ڪُـــن ۾ ، ٻڏان تـــران ، ٻڏان تران، يا ديول جي ديپ جيئن، اُجھان ٻران ، اُجھـان ٻران، ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان هجان بدن،
جـــــلاوطن ، جـــلاوطن ، جــــلاوطن ، جـــلاوطن نه منهنجو ڄڻ هيء ماڳ آه نه منهنجو ڄڻ مڪان آهي نه منهنجي ڄڻ هيء ڌرتي آه نه منهنجو ڄڻ آسمان آه نه منهنجي ڄڻ نگري آهي نه منهنجو آستان آه ڄڻ هجان مان تاريخ جي لاش جو ميرو ڪفن جـــــلاوطن ، جـــلاوطن ، جــــلاوطن ، جـــلاوطن جا مرڪ مون کان وئي کسي تنهن مُرڪ جو آهي قسم مان رت رنس جو ظالمو تنهن لڙڪ جو آهي قسم جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي هر سرڪ جو آه قسم پلو ڪندس پلو ڪندس اي وقت توسان آهي وچن جـــــلاوطن ، جـــلاوطن ، جــــلاوطن ، جـــلاوطن

No comments:
Post a Comment