منهنجي سنڌ مان نڪري وڃي

جنهن نه مٽي جي خشبو کي ڄاتو هتي
تنهن سان ڪهڙو ڀلا منهنجو ناتو هتي
تنهن کي چئو منهنجي ننگري مان نڪري وڃي
منهنجي ٻولي ڏي جيڪو نه مائل هجي
ذهن جنهن جو اڃان وراهيل هجي
جن محبت جا مڪا مدينا چٿيا
عشق عرفان جا آبغينا چٿيا
جنهن جي اک ماروئن ڏانهن ميري هجي
جيڪو وانگھين جي ٻچڙن جو ويري هجي
جيڪو جلاد قاتل ۽ قهري هجي






No comments:
Post a Comment