آئو گھڙي کن هيٺ لهي  آسي زميني جي

شاعري



آئو گھڙي کن هيٺ لهي آه ،پنهنجو جوڙيل ڏيه ڏسي وڃ

مون کان هڪڙي ڳاله پڇي وڃ،منهنجي


هڪڙي ڳاله ٻڌي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي اه، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آه
هڪڙا ماڻهو ننڊڙا ماڻهو هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو
ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو ، پنهنجن تي نشان هڻي وڃ

مون کان هڪڙي ڳاله پڇي وڃ ،منهنجي هڪڙي ڳاله ٻدي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آه
پيرين اگھاڙو پيٽ بکايل نٽهڻ اُس ۾ هر هلائي
ڪاري ڳڙ سين سُڪل ڀورا تون به هڪ ويل چکي وڃ
مون کان هڪڙي ڳاله پڇي وڃ منهنجي هڪڙي ڳاله ٻدي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آه
پيرين اگھاڙي ڇنل چولو روئيدڙ روئيندڙ ڪنهن جي ڄائي
ڌارين آڏو جھول جھلي ٿي پنهنجي کي خيرات ڏيئي وڃ 
مون کان هڪڙي ڳاله پڇي وڃ منهنجي هڪڙي ڳاله ٻدي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي آه پنهنجو جوڙيل ڏيه ڏسي وڃ
آسي کي جا ڏات ڏني تو سا ئي لڇي ٿي سا ئي پُڇي ٿي 
پوء ڇو ڪافر ڌهريو سڏجان مون کان پنهنجي ڏات کسي وڃ
مون کان هڪڙي ڳاله پڇي وڃ منهنجي هڪڙي ڳاله ٻدي وڃ
اي خدا تون هيٺ لهي اه، آئو گھڙي کن هيٺ لهي آ